خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي يونين ڪائونسلن گاڏھي، يونين ڪائونسل ٿلھو، يونين ڪائونسل ڪنڊيچکي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ڇپر گاڏھي، ڳوٺ خوشحالاڻي گاڏھي، ڳوٺ مراد کوسو جي ٻوڏ متاثرن جو ڊي سي دادو پاران مختلف ڳوٺن مان ٽن مھينن کان وٺي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ راشن ٽينٽ سميت ٻيو سامان نه ڏيڻ خلاف ان کان علاوه لائيو اسٽاڪ خيرپورناٿن شاھ جي فوڪل پرسن آفتاب پٺاڻ پاران چوپائي مال جو چارو نه ڏيڻ خلاف امتياز علي گاڏھي، گلزار علي، شاھد، گلبھار، خدا بخش، محمد بخش، محبوب علي گاڏھي ۽ ٻين سوين ٻوڏ متاثرن ٽن ڪلاڪن تائين باء پاس انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، سوين مسافر گاڏيون بيھي ويون. ڳوٺاڻن دانهيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ ٽن مھينن کان وٺي ٻوڏ جو پاڻي 3 کان 4 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي پر اھو پاڻي ھيئنر تائين ڪير ڪڍڻ لاء تيار ناھي. مسلسل پاڻي بيھڻ ڪري اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن. سخت سي ۾ اسان جا ٻچا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جنهن ڪري بيمار ٿي پيا آهيون. ٽن مھينن کان وٺي اسان نه راشن مليو نه وري ٽينٽ مليا آهن. ھنن الزام هنيو ته ڊي سي دادو سيد علي مرتضا شاهه وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ٻين يونين ڪاؤنسلن ڏانهن اين جي اوز وارن کي موڪلي رھيو آھي. اسين انسان ته بک تي آھيون پر ھاڻي اسان جو چوپايو مال به چاري لاءِ مري رھيو آھي. ٽن ڪلاڪن بعد ڌرڻي واري هنڌ خيرپورناٿن شاھ ٿاڻي جو ايس ايڇ او غلام عباس ٻٻر پهچي مظاهرين کي روڊ کولڻ لاء منٿون ڪندو رھيو پر مظاھرين ايس ايڇ او کي روڊ کولڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو بعد ۾ ڊي ايس پي محمد يونس رودناڻي ڳالھيون ڪري يقين ڏياريو ته توهان متاثرن جي لسٽ ٺاهي مون کي ڏيو ته اي سي خيرپورناٿن شاھ کي ڏيندس ته توهان جي ھر ممڪن مدد ڪندو، ان موقعي تي مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو.