ڪي اين شاهه جا بند پيل اسڪول کولرايو … دريا خان چانڊيو

0
132

خيرپورناٿن شاھه تعلقي جي يوسي ڇوڙ قمبر ۽ ٻرڙا ۾ ڪيترا ئي اسڪول بند آھن. يوسي ڇوڙ قمبر جي ڳوٺ ڪُور حسين ۾ اسڪول سيمي ڪوڊ 402030254 سالن کان بند پيل آھي ڳوٺاڻن موجب ڪو به استاد مقرر ٿيل ناھي ۽ نه وري نوان ڀرتي ٿيندڙ استاد ئي ڏنا ويا آھن. اھڙي طرح ساڳي يوسي جي ڳوٺ ڪڙيو غلام الله مڪس اسڪول سيمي ڪوڊ 402030029 جتي استاد مقرر ھُجڻ باوجود به ريگولر ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ساڳي يوسي جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو ۾ به ميل پرائمري استاد ريگولر ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. يوسي ٻرڙا جي ڳوٺ ڀنگر اسڪول سيمي ڪوڊ 402030459 استاد گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيو آھي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ساڳي يوسي جو ڳوٺ سھراب ڳچل اسڪول سيمي ڪوڊ 402030325 اسڪول ڪافي عرصي کان بند آھي ڪو به استاد مقرر ناھي ڪيو ويو. ساڳي يوسي جي ڳوٺ واھ صوبدار اسڪول سيمي ڪوڊ 402030340 استاد مقرر ھوندي به ڏيوٽي نٿو ڪري ۽ گھر ويٺي پگھارون ٿو کڻي.

 مقامي ڳوٺاڻن پاران تعلقي ۽ ضلعي جي تعليم کاتي جي آفيسرن کي اطلاع ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي معاملو کڻڻ باوجود به ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا، ان ڪري ڳوٺاڻن جي اپيل آھي ته تعليم جو وزير ۽ سيڪريٽري معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ اسڪول کولرائي ٻارن جي تعليم بحال ڪن. (واٽس ايپ ميسيج)