ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ مان مڪاني ٽيڪس جي مد ۾ 23 ڪروڙ رپين جي وصولي سان ڪي ايم سي مالي طور تي مستحڪم ٿيندي، اها رقم شهر جي ترقي تي خرچ ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 14 ارب رپين جي ماليت سان آءِ سي آءِ برج کان واءِ جنڪشن تائين ايليويٽڊ ايڪسپريس وي جي تعمير شروع ڪئي ويندي، ڪو به ادارو ٽيڪسيشن کانسواءِ نه ٿو هلي سگھي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ به ڪو نئون ٽيڪس شامل ناهي، ميونسپلٽي ٽيڪس 2009 کان وصول ڪيو پيو وڃي، ان ٽيڪس ۾ اضافي بجاءِ گھٽتائي ڪئي وئي آهي، 50 کان 200 رپين تائين ماهوار ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. ماضي ۾ ميونسپلٽي ٽيڪس وارو پئسو آفيسرن ۽ عملي جي کيسن ۾ ويندو هو، هاڻ ڪي اليڪٽرڪ اها رقم چيڪ جي صورت ۾ ادا ڪندي. هن چيو ته ماڻهو ميونسپل ٽيڪس جي سلسلي ۾ اختلاف پيدا ڪري رهيا آهن.