ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ تان سنڌ هاءِ ڪورٽ کان معذرت ڪري ورتي، جنهن بعد عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جا جاري ڪيل گرفتاري وارا وارنٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بند ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ عملدارن عدالت کي يقين ڏياريو ته مستقبل ۾ بجلي جي معطلي نه ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجلي فراهمي معطل  ٿيڻ تان سنڌ هاءِ ڪورٽ کان معذرت ڪري ورتي، 3 ڏينھن اڳ ملڪي بريڪ ڊائون دوران بجلي بند ٿيڻ تان سنڌ ھاءِ  ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا