ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو آھي ته ڪي اليڪٽرڪ  جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي واپارين کان بجلي بلن ذريعي سيلز ٽيڪس جي وصولي ختم ڪئي وڃي،  ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ لياري ۾ مظاھري کي خطاب ڪندي ھن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ  اڇو ھاٿي آھي، جنهن جي ھر حڪومت سھولتڪار رھي آھي، اها سياستدانن کي ڪميشن ڏئي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ هن وقت تائين رڳو 17 سيڪڙو بجلي پيداوار وڌائي آھي، ھن چيو ته حڪومتي نااھلي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام برسات جي تباھڪارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ھن چيو ته  واپارين سيلز ٽيڪس جي ادائگي کان ڪڏهن به انڪار ناھي ڪيو پر ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي داداگيري آھي، جيڪا قبول ناهي، اسان  واپارين سان گڏجي  احتجاج ڪنداسين