ڄام نوازعلي/ نئون آباد (نمائندن وٽان) نئون آباد ڀرسان ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ   ۾ 26 هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪيڊٽس پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي  شازيا مري خطاب  ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ سنڌ جي  بهترين ڪاليجن مان هڪ ڪاليج  آهي، هن چيو ته  ڪيڊٽ ڪاليج جي سرزمين تي منهنجو گهر آهي پاڪستان نيوي جي سفيد وردي ۾ امن جا سفير موجود آهن.