اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر اعتزاز احسن جي بيان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، اعتزاز احسن خلاف درخواست ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي، درخواست ۾ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ۽ رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي.