دادو (رپورٽر ) ڪيٽي جتوئي ۾ اسامه جتوئي جي لانڍي تي 3 هٿيار بندن حملو ڪري 36 سالن جي گل محمد کي بيدردي سان قتل ڪري  لاش لانڍهي جي سامهون کڏ ۾ اڇلي ويا آهن، اطلاع تي اسماعيل جا ڀاڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ ماٽم لاءِ دادو اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان مقتول  گل محمد جي چاچي غلام قادر ميتلو ۽ سئوٽ زاهد ٻڌايو ته 3 هٿياربند اساما جتوئي جي لانڍي تي حملو ڪري گل محمد کي لانڍهي جي ڪمري ۾ بند وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش لانڍهي سامهون کڏ ۾ اڇلي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس داخل ڪري هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي .