ڪيٽي بندر (ن پ ا) ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم ڊوڪيءَ ۾ پئيسن جي ڏيتي ليتيءَ تان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ چاليهن سالن جو علي احمد ڊومڪي زخمي ٿي پيو،جنھن کي صحت مرڪز ٻگھاڻ ۾ طبي امداد ڏئي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال روانو ڪيو ويو. ڪيٽي بندر پوليس زخمي علي احمد ڊوڪيءَ جي فرياد تي جبار، احمد ڊوڪي ۽ آچار ڊوڪي خلاف اين سي داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.