ڪيٽي بندر ( ن.پ.ا) ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد مان ھڪ ئي ڏينهن ٽي چوريءَ جون وارداتون عيون آهن، جڏهن ته ٻہ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ھٿ  ڪيون ويون پر سوزڪي پڪ نہ ملي سگھي . گذريل ڏينهن ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ٻگھاڻ شهر مان ڏينهن ڏٺي نامعلوم چور ٻہ موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا . جڏهن ته ساڳئي ڏينهن مورڇڏائي وٽ ھوٽل تي بيٺل بابو جت جي سوزڪي پڪ اپ چور کڻي ويا . سوزڪي پڪ اپ  جي مالڪ ڪيٽي بندر ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي . ھوڏانھن ٻگھاڻ شهر مان چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ٻاٻيهو لڳ ڳوٺ عثمان گودڙيو ملاح مان ڳوٺاڻن وڏي ھمت ڪري ھٿ ڪري ورتيون ۽  جڏهن ته چور ڀڄي ويا .