اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سال 2024ع جي شروع ۾ پاڪستان سان وائيٽ بال سيريز کيڏڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽس موجب ڪيوي بورڊ طرفان پي سي بي کي جنوري 2024ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ نيوزيلينڊ ۾ کيڏڻ جي دعوت ڏني آهي، جنهن ۾ پنج ٽي 20 انٽرنيشنل يا وري 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز کيڏڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جو آسٽريليا جو دورو 7 جنوري 2024ع تي ختم ٿيندو، ان دوران پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز ڪرائي سگهجي ٿي، فيوچر ٽور پروگرام تحت فيبروري ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم سيريز کيڏڻ لاءِ ڪيويز جي ملڪ ايندي، ٻئي طرف نيوزيلينڊ جي دوري کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پنهنجي اسٽيڪ هولڊرز سان تجويز تي غور ڪندو، جڏهن ته دوري جي باري ۾ آئنده ڪجهه ڏينهن ۾ اهم فيصلي جو امڪان آهي.