لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي ڊگهو ڇڪو هڻڻ تي قانون ۾ ترميم جو چيو آهي. ڪيون پيٽرسن سوشل ميڊيا سائٽ ٽوئٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آءِ سي سي کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي اصولن ۾ تبديلي ڪرڻ گهرجي. هن آءِ سي سي کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ڪرڪيٽ جي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ جيڪڏهن ڪو ڪرڪيٽر 100 ميٽر ڊگهو ڇڪو هڻي ته ان کي 6بدران 12 رنز ڏنيون وڃن. ڪيون پيٽرسن موجب ائين ڪرڻ سان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ جوش ۽ جذبو وڌيڪ وڌي ويندو، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ دي هنڊريڊ ۾ به اهو تجربو ڪري سگهي ٿو.