ٽورنٽو (م ڊ) ڪينيڊا جي ايئرپورٽ تان سوا 4 ارب رپين جو سون گم ٿي ويو، جنهن سببپوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ڪينيڊا جي مصروف ترين هوائي اڏي پيئرسن انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 15 ملين ڊالر (سوا چئن ارب رپين جي لڳ ڀڳ) سون چار ٿي ويو. هلندڙ هفتي ڪينيڊا ڄاڻايل ايئرپورٽ تي هوائي جھاز مان ڪنٽينر لاهڻ بعد چوري جو اهو واقعو پيش آيو. علائقائي پوليس جي انسپيڪٽر اسٽيفن ڊيوسٽين ٻڌايو ته عام طريقيڪار موجب ئي هوائي جهاز لينڊ ٿيو جنهن کان پوءِ ان تان ڪنٽينر لاهي هولڊنگ ڪارگو ۾ آندو ويو.