نيروبي (انٽرسٽنگ نيوز): ڪينيا ۾ عورتن جي شطرنج مقابلي ۾ برقعو پهريل مرد سوگهو ڪيو ويو آهي، هڪ دلچسپ واقعي ۾ هڪ نوجوان برقعو ۽ عينڪ لڳائي عورتن جي مقابلي ۾ شريڪ ٿيو پر پڪڙجي پيو، 25 سالن جو اسٽينلي او مونڊي 2023 ڪينيا اوپن فيميل مقابلي ۾ شريڪ ٿيو، هن مقابلي ۾ برقعو پهريو ۽ چيو ته اهو پرديدار آهي ۽ شطرنج جو مشهور رانديگر به آهي، مٿي کان پيرن تائين برقعي ۾ رهندي هن پنهنجو نالو “ميلي سينٽ اوور” داخل ڪرايو، پر مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙ جلد ئي ڄاڻي ويا ته مسلسل کٽڻ وارو شخص مشڪوڪ آهي ۽ استفسار تي معلوم ٿيو ته اهو عورت بدران مرد آهي. پنهنجي چوري پڪڙجڻ بعد هن معافي وٺندي چيو ته اهو سخت مالي مشڪلات جو شڪار هيو، پر هاڻي تمام نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي. ڪينيا ۾ شطرنج تنظيم جي سربراهه نارڊ وانهيلا چيو ته جيتوڻيڪ سڄي زندگي ته نه پر ڪجهه عرصي تائين ان تي شطرنج جي مقابلي ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي.

پنهنجي سامهون  انتهائي تجربيڪار عورتن کي به شڪست ڏئي ڇڏي هئي. اهو ئي سبب آهي ته اسان کي ان تي شڪ ٿيو. سڀ کان وڌيڪ اها ته هو مرداڻا جوتا پائي آيو هيو، جنهن تي شڪ يقين ۾ بدلجي ويو. کيڏڻ دوران اسٽينلي ڪجهه نه ڳالهايو، ايتري تائين، جڏهن مقابلي جو نمبر ڏنو ويو تڏهن به اهو خاموش رهيو هيو، پوءِ هن کيڏڻ دوران به عورت رانديگرن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي. شطرج جي راند ۾ فراڊ جو اهو ڪينيا ۾ پهريون واقعو آهي، جنهن جي انعامي رقم 3000 آمريڪي ڊالر رکي وئي هئي.