ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ڪينجھر ويجھو سڱاوتي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل،  هڪ جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾  ڪينجھر ڍنڍ ويجھو ڳوٺ عزيز ڪينجھرائي ۾ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو،  نتيجي ۾ 23 ورهين جو نوجوان علي اڪبر پٽ حسين ماڇي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو،  پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻي نوجوان جي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪينجھر ٿاڻي جي ايس ايچ او بشير ملاح ٻڌايو ته  سڱاوتي مامري تان ڌرين ۾ گھڻي وقت کان تڪرار هلندڙ هو، هن چيو ته پيش آيل واقعي ۾ هڪ جوابدار بلاول ماڇي کي گرفتار ڪيو آهي، مقتول نوجوان جا وارث اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.