حيدرآباد: ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوجوان حنيف ڪاتيار جي قتل ڪيس ۾ معطل  ايس ايڇ او اقبال عباسي، اهلڪار خميسو نونداڻي ۽ سليمان سولنگي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي. ضمانت رد ٿيڻ بعد ٽئي جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت ۾ ٽئي جوابدار پڪي ضمانت لاءِ وڪيلن معرفت پيش ٿيا. عدالت مٽياري پوليس پاران پيش ڪيل ڪيس جي جاچ رپورٽ جي آڌار تي سندن پڪي ضمانت ڪرڻ بدران عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنوجنهن بعد هو فرار ٿي يوا.