ملاڪاتيار: ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي نامياري وڪيل فياض آرائين ۽ خادم چنڙ متاثر نينگري جي گهر پهچي همدردي ظاهر ڪندي قانوني مدد جي خاطري ڪرائي. هنن چيو ته نينگري سان ظلم ٿيو آهي پوليس ڪيس ۾ زيادتي جا قلم ناهن هنيا جنهن مان ثابت آهي ته پوليس ملوث اهلڪارن کي بچائي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته متاثر خاندان جي هر قانوني مدد ڪري ملوث اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ ڪوشش ڪنداسين.