اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ڪيستائين چونڊون اڳتي ڪري جمهوريت قربان ڪندا رهنداسين، دير سان ناڪاري قوتون حرڪت ۾ اچي وينديون، تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا جمهوريت قربان ڪئي وئي، سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊن خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته جڏهن به جمهوريت جي قرباني ڏني وئي ته ڪيترائي سال نتيجا ڀوڳڻا پيا، عوام کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ملڻ گهرجي، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ رڳو وسيلا نه هجڻ جو ذڪر ٿيل آهي، اليڪشن ڪميشن ڪڏهن چوندي ته بس! هاڻي گهڻو ٿيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته چونڊون هر صورت ۾ ڪرايون وينديون، اي سي پي رڳو سياسي ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان آئين جا محافظ آهيون ۽ اُن جو دفاع ڪنداسين،  چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته هڪ ڏينهن ۾ چونڊن سان آئين جي ڪهڙي شق بي اثر ٿيندي؟ ليڊر آف هائوس کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ نظام سگهارو هجي ته شايد سموريون چونڊون الڳ الڳ ممڪن هجن، في الحال ته اوندهه ۾ سفر ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ڪابه منزل نظر نٿي اچي،  اي سي پي جَي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سياسي ماحول کي نظر ۾ رکندي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏني هئي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪا هئاسين، موجوده حالتن ۾ چونڊون ممڪن ناهن، جسٽس منيب اختر وڪيل کي 9 مئي جي واقعن تي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي، جيڪو توهان کي وڻي اُهو موقف اختيار ڪريو، جسٽس منيب اختر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي 9 مئي تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرو وزارت جا بهانا قبولڻ نه گهرجن، حڪومت کان اثرائتي وضاحت وٺڻ گهرجي، ڪالهه اسيمبلي ميمبرن لاءِ 20 ارب جي سپليمينٽري گرانٽ منظور ٿي، اليڪشن ڪميشن کي به 21 ارب ئي گهربل آهن، اليڪش ڪميشن پاڻ غيرفعال آهي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن چار لک 50هزار سيڪيورٽي اهلڪار گهريا، ساڍا 4 لک ته ٽوٽل آپريشنل فوج آهي، اليڪشن ڪميشن کي به ڊمانڊ ڪندي سوچڻ گهرجي، فوج جي سيڪيورٽي جي ضرورت ڪهڙي آهي، فوج صرف سيڪيورٽي لاءِ علامتي طور هوندي آهي، چيف جسٽس چيو ته هوم ورڪ ڪري اچو، خبر ته پوي اليڪشن ڪميشن جي مشڪل ڪهڙي آهي، اليڪشن ڪميشن پاڻ حل نه ڪڍيو ته هاڻي عدالت کي اهو اصول واضح ڪرڻو پوندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اي سي پي بااختيار آهي، ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اختيار استعمال ڪندي ڏٺو ئي ناهي.