اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي فون تي رابطي دوران عيد کان پوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، تفصيل موجب پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان کان صحت بابت دريافت ڪيو، ان کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي موجوده صورتحال، پي ڊي ايم وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن فون تي ڳالهه ٻولهه دوران رمضان جي عيد کان پوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ نه پر موجوده فرسوده نظام جي تبديلي آهي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ڪو گڏ هلي يا نه اسان عيد کان پوءِ عملي طور تي ميدان ۾ نڪرنداسين.