ڪير اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ اسان جا سمورا ميمبرز اسيمبلي پهچن: پرويز الاھي

0
129
حڪمران اتحاد پنجاب جي پ

لاھور: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته ڪير اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ اسان جا سمورا ميمبرز اسيمبلي پهچن، اڄ هر صورت ۾ اجلاس ٿيندو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته چونڊيل نمائندن کي اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي، حڪومتي فسطائيت جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو عمر سرفراز چيما اڄ به پنجاب جو گورنر آهي

سندس موجودگي ۾ آئون ڪيئن وقتي گورنر ٿي سگهان ٿو، آئون اڄ به وڏ وزارت جو اُميدوار آهيان، نمبرز گهٽ هجڻ سبب پيءُ پُٽ روز نوان ٽڪساٽ گَهڙَي رهيا آهن

ھي به پڙھندا

لاهور پوليس پارلياماني مامرن جي ڊي جي راءِ ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو