ڪيترائي ملڪ انھيءَ ڪري تباھھ ٿيا جو اتي امير جي لاءِ الڳ ۽ غريب جا لاءِ الڳ قانون ھو : وزيراعظم عمران خان

0
349

وزيراعظم عمران خان چيو تھ ڪيترائي ملڪ انھيءَ ڪري تباھھ ٿيا جو اتي امير جي لاءِ الڳ ۽ غريب جا لاءِ الڳ قانون ھو، ڪوشش اھي تھ ايندڙ نسلن کي بھتر پاڪستان ڏئي وڃون. ھري پور جي دوري ۾ بلين ٽرين سونامي پراجيڪٽ جي جائزي کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ ھو تھ موسمياتي تبديلنس ان پاڪستان متاثر ٿي رھيو آھي، انھيءَ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ورلڊ انوائرمينٽ ڊي جي ميزباني ڪري رھيو آھي، ورلڊ انوائرمينٽ ڊي جي ميزباني اعزاز آھي، پاڪستان کي ڪلائمينٽ چينج جا چئلينجز درپيش آھن، وڻ لڳائڻ جو مقصد ڪلائمينٽ چينج جي اثرن کي گھٽ ڪرڻو آھي. وزيراعظم عمران خان جو چون ھو تھ پاڪستان ۾ ٻيلا تباھھ ٿيڻ سان جنگي جيوت نھ ھئڻ جي برابر آھن، پاڪستان انھن ملڪن مان آھي جيڪي گلوبل وارمنگ جي خلاف قدم کڻي رھيا آھن، اسان آئندھ اچڻ واري نسلن جي لاءِ بھتر پاڪستان ٺاھي وڃڻ چاھيون ٿا.