اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته درخواستگذار مطمئن ڪن ته درخواست ٻڌڻي جي قابلِ آهي ته پوءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪنداسين. درخواست جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل قيصر فيصل دليل ڏيندي چيو ته هڪ شهري جي حيثيت سان ادارن خلاف بيانن سان ڏک پهتو آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿين حڪومت ڇڏڻ سان ئي ڏڦيڙ پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، تقريرن ۽ بيانن سان عدليا، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. اظهار راءِ جي پويان لڪي وار ڪيو پيو وڃي،  ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته هڪ ٻئي کي ڇا چيو، ڇا هاڻ سپريم ڪورٽ ان تي به ايڪشن وٺندي؟، درخواست سان گڏ ڪنهن به تقرير جو ٽرانسڪرپٽ ناهي، ثبوت ناهن، درخواستگذار ٻڌائي ته تڪليف پهچڻ تي ؟ 184/3 جو ڪيس ڪيئن ٿو ٺهي، جيڪڏهن رياست بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري ته 184/3 جو ڪيس ٺهندو آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي توهين عدالت جي ڪارروائي جو اختيار آهي، عدالت جڏهن مناسب سمجهي ته نوٽيس وٺي ايڪشن وٺندي، درخواستگذار جو ڪم عدالت کي آگاهه ڪرڻ هو، جيڪڏهن درخواستگذار ڪنهن ٻئي فورم تي هليو وڃي ها ته بهتر هو، درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪهڙن بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، جن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ان بابت لاڳاپيل فورم سان رابطو ڇو نه ڪيو ويو؟، ڇا عمران خان جي بيانن سان عدليه ڪمزور ٿي وئي آهي؟ بعد ۾ جسٽس اعجاز الحسن درخواستگذار کي ججن طرفان اٿاريل سوالن تي تياري سان ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿين جي هدايت ڪندي ٻڌڻي سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.