اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪو به پسنديده نه آهي، جهانگير ترين خلاف ڪيس قانون موجب هلندو، وزير اعظم جَي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته مني لانڊرز ۽ سٽيباز کنڊ مهانگي ڪرڻ ۾ ملوث آهن، اپريل مهيني لاءِ کنڊ جا اگهه هاڻ کان ئي طئه ڪيا پئي ويا، سٽيبازن وٽان مليل ڄاڻ مان ڪيئي اهم نالا سامهون آيا، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ايف آءِ اي سٽيبازن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو، کنڊ جون قيمتون اڳ به وڌنديون رهيون، موجوده حڪومت سٽيبازن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، کنڊ اسڪينڊل جي جاچ تيز ڪئي وئي آهي.