ڪوپ 27 ڪانفرنس جو معاھدو غريب ملڪن لاءِ ھڪ اميد

0
195
اپوزيشن اسيمبليون ٽوڙڻ تي ... وفاقي حڪومت عدم اعتماد لاءِ اڳڀرو، دنگ ڪٿي ٿيندو؟

اھو مطالبو گذريل 30 سالن کان ھلي رھيو ھو ته ترقي يافته  ملڪ ترقي پذير ملڪن کي فنڊنگ ڪن، سندن ڪاربان گيسن جي استعمال جي ڪري ھڪ وڏي ماحولياتي تبديلي ٿي آھي ان جو اثر غريب ملڪن تي پيو آھي پر دنيا جا ملڪ ھن گلوبل وارمنگ تي ڄاڻايل مدي تائين متفق نه ٿي سگھيا ان جو وڏو سبب ھي به ھو ته نقصان ڪير ڀري. ڪافي ملڪن نٿي چاھيو ته معاوضي طور اسين پئسا ڏيون پر اڳتي ھلي اھو پاڻي مٿي کان ڦري ويو انوارمينٽل چينج دنيا لاءِ ھڪ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي خاص ڪري  پاڪستان ۾ تازين برساتي ٻوڏن جيڪا تباھي آندي ان ھڪ دفعو وري دنيا جي اکيون کولي ڇڏيون آھن انھن کي اھو مڃڻو پيو ڪاربان گيسن جو استعمال کي گھٽايو نه ويو ته دنيا ۾ وڏي تباھي ايندي. اھو تجربو ۽ مشاھدو  انھن جي سامھون  اچي ويو يورپي ٿڌن ملڪن ۾ ايڏي ته ھن سال گرمي تيز ٿي جنھن ھزارين ماڻھو ماريا پوءِ سڄي يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي ڳڻتي اچي ورايو پوءِ اھو فيصلو ڪيو ويو. ھاڻي اھو ضروري ٿي پيو آھي ته نه فقط ڪاربان جي استعمال کي  گھٽائجي پر انھن ملڪن کي به فنڊ ڏيڻ به ضروري آھي جن کي ھن گلوبل انوائرمينٽل چينج  جي ڪري نقصان ٿيو  آھي. خاص ڪري گذريل ڪيترن سالن کان  پاڪستان موسمي تبديلي جي ھٽ لسٽ تي آھي جتي موسمي تبديلي جي سبب ھڪ طرف سخت گرمي، پاڻي جي اڻاٺ ٿئي ٿي ساڳئي وقت تيزي سان  گليشئر ڳري رھيا آھن ٻئي طرف برساتن ۽ ٻوڏن منھن ڪڍيو آھي جنھن مسئلي نه رڳو پاڪستان جي موجودہ گڏيل  حڪمرانن لاءِ مسئلو پيدا ڪيو آھي جن کي آئي مس مس ڪجھه مھينا ٿيا ھوندا پر اتي ان صورتحال  اقوام متحدہ جي سيڪريٽري  جنرل کي پاڪستان اچي ھتي جو جائزو وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ ھو  پاڪستان آيو. ھتي ٿيندڙ نقصان جو نه رڳو ھن جائزو ورتو پر ان کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ھن وڏيون ڪوششون ورتيون،

آخرڪار مصر جي ڳاڙھي سمنڊ واري شھر شرم الشيخ ۾ ڪانفرنس شروع ٿي، اھا تاريخ جي ڊگھي ڪانفرنس ھوندي جيڪا لڳاتار 2 ھفتا ھلي جتي ڪافي ملڪن جا نمائندا پنھنجو پنھنجو خيال پيش ڪري واپس ٿيندا رھيا. آخر  ان ٻن ھفتن تائين ھلندڙ ھن ڪانفرنس ۾ اھو معاھدو طئي ٿي ويو ته ھاڻي ماحولياتي تبديلي جي ور چڙھيل ملڪن جي مدد ڪبي. ھن ڪانفرنس ۾ لڳ ڀڳ   200 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي ھـئي  ۽ انھن ھن فيصلي تي پنھنجي  آمادگي ظاھر ڪئي آھي جنھن کان پوءِ باقائدا ھڪ ٽرانزيشنل ڪميٽي ٺاھي وئي آھي جيڪا ايندڙ 2023ع ۾ ڪوپ 28 ڪانفرنس ۾ پنھنجون شفارشون پيش ڪندي، مذڪورہ ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيندڙ فنڊن مان پاڪستان سميت ٻين 7 ملڪن کي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جن ۾ باقي ملڪ بنگلاديش، فلپائين، گھانا، فجي، ڪوسٽا ريڪا، سينيگال شامل آھن، اقوام متحدہ پاران شروع ڪرايل ھن ڪانفرنس ۾ ڪاميابي جو جيڪڏهن ڪنھن ھڪ ملڪ کي ڪريڊٽ ڏجي ته اھو پاڪستان آھي جنھن جي حڪمرانن تازين برساتن کان پوءِ دنيا کي سڌي طرح ٻڌايو کين جيڪو نقصان رسيو آھي اھو گلوبل وارمنگ جو حصو آھي ان جا ذميوار اھي ترقي يافته ملڪ آھن جيڪي ڌڙا ڌڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو استعمال ڪن ٿا. ساڳيو سھرو اقوام متحدہ جي سيڪريٽري جنرل اينتنيو گو تريس کي وڃي ٿو جنھن پنھنجي گهڻين مصروفيتن  ھوندي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ترقي يافته ملڪن تي بنا ڪنھن امتياز جي زور ڀريو ته پاڪستان جي امداد ڪريو ان جو وڏو نقصان ٿيو آھي. جڏھن ته ان کانسواءِ  اھو ڪريڊٽ  وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري کي به وڃي ٿو جنھن وڏيون ڪوششون ورتيون ۽ ھن پاڪستاني قرارداد ۽ ڊمانڊ کي اقوام متحدہ جي گذريل اجلاس ۾ پيش ڪيو ،

ھن تازو پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته ھي پاڪستان جي  وڏي ڪاميابي آھي جنھن لاءِ بقول ھن جي ھو اقوام متحدہ گروپ  (جي 77) جي سربراھي اجلاس مان پاڪستان جي لاس اينڊ ڊيميجس تي مشتمل قرارداد متفقه طور منظور ڪرائي هئي  جنھن کي ھاڻ ڪوپ 27 جي ڪانفرمس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو ھو. بھرحال ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن پاران ان ڊمانڊ کي مڃي اتفاق ڪرڻ ايڏو ڪو سولو ڪم ڪونه ھو  جنھن تي 30 سالن کان ڪو عمل نه پئي ٿيو.   اھا انھن جي ارھه زورائي ھئي جن ان طرف ڪو عملي ڪم نه پئي ڪيو پر اسين ڏسنداسين  ھي معاھدو  جيڪو گذريل ڏينھن ۾ منظور ٿيو آھي خوش آئيند ضرور آھي پر  ھي ڪو ترقي وارن ملڪن جو  ڪنھن ملڪ تي  احسان ناھي ڇوته سندن ئي  ڪيل نقصان  جو ازالو آھي جيڪو سافٽ فيول ۽ ڪاربان گيسن  جي استعمال ڪرڻ سان گلوبل وارمنگ جو سبب بنجي ويو آھي تنھن ڪري اھو سندن حصي جو ڪم آھي کين ھر حال ۾ ھاڻي ڪرڻو پوندو ۽ اخلاقي طور  ڪرڻ به گھرجي. ڪانفرنس ۾ يورپ جي نمائندن چيو ھوته شرطن سان اتفاق ڪن ٿا ته تمام اھي ملڪ جيڪي فنڊ ڏيڻ جي سگھه رکي سگھن ٿا سي انھن ملڪن کي نقصان جي صورت ۾  فنڊ ڏين.  انھن جو خيال ھو چين، آمريڪا سعودي عرب سنگاپور سميت ٻيون اڀرندڙ معيشتون آھن انھن کي اڳيان  اچڻ کپي، اتي آمريڪي نمائندن چيو ته ھو اھڙين تجويزن تي ڪم ڪري رھيا آھن جنھن سان غريب ملڪن کي فائدو ٿيندو ۽ نقصان جو ازالو ٿيندو.  ھن وقت تائين چئن ملڪن 4 ڪروڙ ڊالر فنڊ گڏ ڪيا  آھن

انھن ۾ آمريڪا چين، برطانيا ناھن جن ھيستائين ڪجھه ناھي گڏ ڪيو جڏھن ته فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ ڊينمارڪ آھي جنھن 47 لک يورو، آئرلينڊ ڪروڙ يورو، ڪينيڊا 70 ڪروڙ ڊالر فرانس 2 ڪروڙ يورو جا فنڊ جمع ڪيا آھن اتي چين آمريڪا برطانيا جپان کي به فنڊ گڏ ڪرڻا آھن. ڪانفرنس ۾ گذريل واعدن جي توسيع ڪئي وئي جنھن ۾ گلوبل وارمنگ کي 1.5تائين رکڻ واري ڳالھه کي ورجايو ويو ۽ زمين تي گرمي ڏيڍ سينٽي گريڊ رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ساڳئي وقت ڪاربان گيسن جي استعمال کي گھٽ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ڏٺو وڃي ته اھا گھٽتائي تڏھن ممڪن ٿيندي جڏھن وڏا ترقي يافته ملڪ ان تي عمل ڪندا. پاڪستانته اھو ملڪ آھي جيڪو ھڪ پرسنٽ کان گھٽ ان گيسن جو اسعتمال  ڪري ٿو پر ڏسجي ته 2010ع کان وٺي 2022ع تائين جو  جيڪو نقصان ٿيو آھي اھو کربين ڊالرن جو آھي فقط ھن سال 2022ع جي ماحولياتي تبديلي سبب ايندڙ تباھين جي نقصان  جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر آھي ان ڪري ترقي يافته ملڪن خاص ڪري اقوام متحدہ جنھن جي جنرل سيڪريٽري  ھڪ سٺو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي کيس گھرجي اڃا به وڌيڪ ان مسئلي کي سنجيدگي  سان ڏسي جيئن پاڪستان جي نقصان جي تلافي ٿي سگھي ۽ ھتي جي غريب ماڻھن کي پوندڙ نقصان جو معاوضو ڏيئي انھن کي وري پيرن تي بيھاري سگھجي. ھاڻي ڏسڻو اھو به آھي ته ايندڙ ڪانفرنس تائين ڇا ڪجھه ٿئي ٿو ان جو سختي سان انتظار به رھندو.