ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ۾ والي بال راند کيڏڻ دوران هوٽنگ ڪرڻ تان ٻنهي ٽيمن ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺيون لڳڻ سبب صدام حسين خاصخيلي زخمي ٿي پيو، جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو. جڏھن ته مري ٽيم جو آصف مري پڻ جهيڙي ۾ زخمي ٿيو، صدام حسين خاصخيلي ٻڌايو ته راند کيڏي رهيا هئاسين ته مري برادري جي رانديگرن هوٽنگ ڪئي روڪڻ تان مرتضيٰ مري، آصف مري، عنايت مري، شاهنواز ۽ ٻين حملو ڪري لٺيون هڻي زخمي ڪيو. هوڏانهن ڪوٽ لالو پوليس سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته والي بال ميچ تان ٻنهي ٽيمن ۾ جهيڙو ٿي پيو آھي. ٻه ڄڻا زخمي ٿيا زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو آھي. اين سي داخل ڪري جاچ ڪريون پيا.