ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ڀرسان پورھيت  جي گھر کي باھ، الھه تلھه سڙي خاڪ بڻجي ويو، ڳوٺ ميھر خان جتوئي۾ پورھيت محمد خان ڪوريءَ جي گھر کي چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ وڪوڙي وئي،نتيجي ۾ گھر ۾ پيل ھنڌ، کٽون، اناج ۽ پنج ٻڪريون سڙي مري ويون آهن. هن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته مالي مدد ڪئي وڃي.