ڪوٽ لالو ڀرسان عورت ٻن ٻارڙن سميت مبينا اغوا

0
178

ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ڀرسان شادي شده عورت ٻن ٻارڙن سميت مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنهن جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي

ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلالجي واسڻ  مومل زال عبدالرزاق مجيداڻو ٻن معصوم ٻارڙن  رحمان ۽  دلبر مجيداڻو سميت مبينا اغوا ٿي وئي، وارثن پاران خاصخيلي برادري جي ڌر تي اغوا جو الزام مڙهيو ويو آهي

مبينا اغوا ڄاڻايل عورت جي  اغوا واقعي جي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي عبدالرزاق ۽ دوست علي خاصخيلي تي اين سي داخل ڪئي وئي

عورت واري ڌر جي سوين ماڻهن جي خاصخيلي برادري جي ڳوٺ حاجي مينڌرو خاصخيلي تي چڙھائي پڻ ڪئي پر عورت هٿ نه آئي