ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجهو امن چودڳيءَ ڀرسان مري ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان جھيڙو،  لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري کين نوابشاھ  اسپتال نيو ويو. جهيڙي جي زخمين عبدالرشيد مري، دين محمد، ظھير حسين، عبدالمجيد، غلام اصغر،  محمد يونس مري ۽ ٻين کي علائقي واسين ۽ وارثن اسپتال منتقل ڪيو. اطلاع باوجود پوليس نه پھتي. جھيڙي جي خدشي سبب زخمي ڪافي دير تائين نوابشاهه ريفر نه ٿي سگهيا. جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ماڻھن مورچا قائم ڪري ورتا. ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.آخري اطلاعن تائين ڪوٽ لالو پوليس جهيڙي واري هنڌ نه پهتي، نه ئي وري ٻنهي ڌرين جهيڙي جو ڪو ڪيس داخل ڪرايو.