ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلال جي چودڳي وٽ تازي ڄاول ٻار جو فيض گنج واهه مان لاش هٿ آيو، علائقي واسين واهه مان لاش ڪڍي پوليس کي اطلاع ڏنو، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته لاش 2 ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آھي، ٻي طرف وارث ظاهر نه ٿيڻ تي رهواسين لاش مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.