ڪوٽ لالو (ن پ ا) نيو ڪوٽ لالو مائنر کي نامعلوم ماڻھن پاران ڪٽ ھڻي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش، علائقي واسين احتجاج طور ڌرڻو هڻي مھراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪوٽ لالو لڳ نيو ڪوٽ لالو مائنر کي ھٿرادو ڪٽ ھڻي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ  جي ڪوشش خلاف ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن، ريلوي ڦاٽڪ، ڳوٺ مٺو خان راڄپر، واحد بخش شر، منگيا ناڪو ۽ ڀرپاسي جي سوين رهواسين مهراڻ هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻي سبب ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. علائقي واسين غلام حيدر خاصخيلي، نجب راڄپر، علي گل راڄپر، منظور خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته بااثر ماڻھو ڪوٽ لالو مائنر کي ڪٽ ھڻي اسان کي ٻوڙڻ چاھين ٿا. سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ھڪ ڪلاڪ بعد ڪوٽ لالو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڏياري روڊ کولرائي ڇڏيو.