ڪوٽ لالو (ن پ ا)  ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد  لوٺي ۾ 4 جوابدارن حملو ڪري هڪ ڄڻي طارق خاصخيلي کي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، زخمي کي نوابشاهه سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان زخمي جي والد علي خان خاصخيلي ٻڌايو ته  گهر ٻاهران ڀت کڻڻ واري معاملي تان جوابدارن حملو ڪري نوجوان کي مرڻينگ ڪيو آهي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.