ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد شھر جي جوتا بازار ۾ ڪرائي جي جڳهه مان  25 ورهين جي سنتوش ڪمار ڪولھي جو پکي ۾ ڦاهو  کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي اي ايس آءِ ميوو مل ٻڌايو ته فوتي جي ڀاءُ رائيچند ڪولهي موجب ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، سندس علاج پڻ هلندڙ هو، جنهن سبب هن آپگهات ڪيو آهي.