ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ۽ پڪن سينيٽري ورڪرن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري هٿن ۾ ٻھارا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي طارق مسيح، لڇمڻ گجراتي، اڪبر مسيح، زاهده پروين، شانتي گجراتي ۽ ٻين چيو ته ڪيترن ئي رٽائر مردن ۽ عورتن کي پينشن نه پئي ڏني وڃي، جڏهن ته اڃا تائين وڌايل پگهار به ملازمن کي نه پئي ملي، جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ٻين شھرن ۾ ڪچن ملازمن جي پگهار 25 هزار آھي، جڏهن ته هتي رڳو 12هزار رپيا ڏني پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.