ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ويجهو پراسرار بيماري ڦهلجڻ سبب ڏيڍ مهيني دوران 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ شھمير رند ھوٽل ۾پراسرار بيماري وگھي ڏيڍ مھيني دوران 7معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن، فوت ٿيلن ۾ اڍائي سالن جو راشد، 3سالن جي مظاھري، 2سالن جو رضوان، هڪ سال جي سويرا، 3سالن جي سھانا، ڏيڍ سال جي شازيا ۽ ٻيا شامل آھن، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن الھڏنو رند، واحد رند، علي احمد رند، نياز رند ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٻارڙن کي اڳ ۾ هلڪو بخار اچي ٿو، جنهن بعد کين جهٽڪا اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا، جنهن بعد هو فوت ٿي وڃن ٿا، هنن چيو ته ٻارڙن جو علاج ڪرايون ٿا پر ڪو به فرق نٿو پوي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي بيماري جي تشخيص ڪري علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.