ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ڳوٺ ٻڍا ڪوٽ ۾ نوجوان افضال جٽ جو قتل وارو معامرو، پوليس موجب گرفتار ڪيل ڀيل برادري جي ٻن ڀائرن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، قتل واقعي جو ڪيس داخل، خبرموجب گذريل ڏينهن ڳوٺ ٻڍا ڪوٽ ۾ نوجوان افضال جٽ بيدردي سان قتل ٿي ويو هو، ڪوٽ غلام محمد پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٻن سڳن ڀائرن ڪشور ۽ ڀاڙو ڀيل کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جي چاچي شھزاد جٽ جي فرياد تي ٻنهي جوابدار ڀائرن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن افضال جٽ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، هوڏانهن مقتول نوجوان جو مڙهه اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.