ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ ڪامريڊ مانو ڪولهي ۾ اوچتو چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي ڪري ڪولهي ۽ ڀيل برادري جي 15کان 20 گهرن کي ڏسندي ئي ڏسندي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي ڪري گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، کاڌي پيتي جو سامان، هنڌ بسترا سڙي ويا. جڏهن ته اطلاع تي ساماري جي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻئي طرف پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪامريڊ مانو ڪولهي ۽ اڳوڻي اقليتي ڪائونسلر هريش ڪمار ٻڌايو ته ڳوٺ جي ڀرسان شادي جي ڄڃ گذري رهي هئي ته ڦٽاڪو ڦاڙڻ جي ڪري ان مان اوچتو باهه لڳي وئي جيڪا 15کان 20 گهرن کي وڪوڙي وئي. باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو. متاثرن پاران وس وارن کي واهر جي اپيل پڻ ڪئي وئي آهي.