ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد لڳ ديھه 330 حسن آباد اسٽاپ واسي 13سالن جي نينگري شيوي  ڌيءُ راوتو ڪولهي پنهنجي گهر ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد پوليس پهچي نينگري جو لاش لوڊر مزدا ۾ کڻائي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگري جي پيءُ راوتو ڪولهي ٻڌايو ته اسين ڦٽيون چونڊڻ لاءِ ٻئي شھر ويل هئاسين ته ڌيءُ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو،