ڪوٽڙي (رپورٽ) ڪوٽڙي ۾ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي عورت خودڪشي ڪري ڇڏي، سڪندرآباد ڪالوني ڪوٽڙي جي رھواسڻ 45 ورهين جي سبيا زال فياض شورو گھرو پريشاني کان تنگ اچي ڇت جي پنکي ۾ ڦاھو کاھي آپگھات ڪري ڇڏيو، فوتي عورت جي لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي آندو ويو، ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.