ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ريلوي پوليس ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو هڻي لکين رپين جي ماليت جو ريلوي جو اسڪريپ هٿ ڪري ورتو آهي، ريلوي پوليس پاران خفيا اطلاع تي ناگو لين ڪوٽڙي ۾ لالا لنڊ جي ڪٻاڙڪي دڪان جي گدام تي ڪارروائي ڪندي ڇاپو هنيو. ويو آهي. تلاشي دوران مختلف گاڏين جون ڪمانيون، ريلوي ٽريڪ جا فش بولٽ، نٽ بولٽ ۽ ٻيو ڪيتروئي سامان هٿيڪو ڪيو ويو آهي. ڇاپي دوران دڪان مالڪ پوليس ڏسي فرار ٿي ويو جڏهن ته هٿ آيل سامان کي ريلوي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪرائي ڇڏيو آهي. ريلوي پوليس ڪوٽڙي موجب سامان جي ماليت لکين رپين جي آهي ۽ سامان کپائڻ ۾ ريلوي ملازم ملوث آهن. جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته دڪان مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.