ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس ڀرسان ڌماڪو،دادو واسي نوجوان مارجي ويو

0
247
ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ دادو واسي نوجوان مارجي ويو، ڌماڪي جي شدت ايڏي هئي جو نوجوان جو لاش اُڏامي وڻ سان ٽنگجي ويو

 پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ دادو واسي الهه بخش کوکر طور ٿي آهي، شروعاتي جاچ ۾ لڳي ٿو ته مارجي ويل بمبار هو

جاچ ۾ لڳي ٿو تھ ھو دهشتگردي لاءِ وڃي رهيو هو ته ڊي سي آفيس ڀرسان موجود ڪچري جي ڍير وٽ سندس بم ڦاٽي پيو

 ڌماڪي بعد پوليس ۽ رينجرز پاران علائقي کي ڪڙو چاڙھيو ويو، ڌماڪي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون، ڌماڪي بعد ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي