ڪوٽڙي ۾ چوري ٿيل موبائلز جا آءِايم اي آءِ نمبر بدلائي وڪرو ڪندڙ گروهه گرفتار

0
295
ڪوٽڙي ۾ چوري ٿيل موبائلز

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ چوري جون موبائيلز فون خريد ڪري انهن جا آء ايم اي آء نمبر بدلائي وڪرو ڪندڙ گروھ گرفتار ڪيو ويو آهي. لاهور جي ڏوهاري گروھ سان  تعلق رکندڙ ڪوٽڙي جو گروھ سائيٽ پوليس هٿيڪو ڪري ورتو. ڏوهاري گروپ وٽان چوري جون موبائل فونز، ۽ 4 چوري جون موٽر سائيڪلز به هٿيڪيون ڪيون ويون.

گروھ جو اڳواڻ عامر تنيو، علي قاسم برفت، لڌو برفت ۽ ڪاشف راجپوت گرفتار، منظم گروھ ڪيتريون ڪاروايون ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو.