ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ پسند جي شادي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ هٿياربندن نوجوان جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي واٽ ويندي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڄامشوري ٿاڻي جي حد گلشن شھباز واري علائقي ۾  ماءُ ۽ پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، هڪ سال اڳ ڪوٽڙي واسي جوڙي پاران پيار جو پرڻو ڪرڻ تان مبينا طور هٿياربندن ڪورٽ مان حاضري تان ٿيندي ويندڙ نوجوان جي امڙ خدا جي بستي ڪوٽڙي هي رهواسڻ ظهران چنا ۽ سندس پٽ محمد علي چنا کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري ڀڄي ويا، واقعي جي اطلاع تي سائيٽ ڪوٽڙي پوليس ۽ ڄامشورو پوليس ۾ حد  بندي جي تڪراري سبب ڏيڍ ڪلاڪ تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا جنهن بعد ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ تي سار سنڀال لهندڙ ڊي آء جي حيدرآباد جي پوليس موبائل ۾ مقتول ماء ۽ پٽ جا لاش کڻي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته واقعي بعد ايس ايس پي ڄامشورو به واقعي واري هنڌ پهتو. هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب مقتول محمد علي جي ڀاء شاھ رخ چنا هڪ سال اڳ دادلي  شابراڻي چانڊيو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد تڪرار پيدا ٿيو. ناري دادلي جي پيءَ ٽن نارين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. اغوا ۾ نامزد ڄاڻايل پريمي شاھ رخ چنا جي امڙ خميس واري ڏينهن پٽ محمد علي سان گڏ ڪورٽ مان حاضري بعد واپسي گهر ويندي پٽ سميت قتل ڪئي وئي، ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي موجب واقعو پيار جي پرڻي بعد ٿيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، وارثن موجب ڪيس داخل ٿيندو، في الحال وارث مقتولن جي تدفين بعد ايندا ته ڪيس داخل ٿيندو، في الحال اسان جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيمون جوڙيون آھن، هوڏانهن مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث ڪوٽڙي جي خداجي بستي کڻائي پهتا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتولن جا وارث دانهون ڪندي لاشن کي چنبڙي ويا، مقتول جي وارثن دانهون ڪندي چيو ته اسان سان ناانصافي ٿي آھي، پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، ظالمن وڏو ظلم ڪيو، نوجوان ۽ سندس امڙ کي قتل ڪري اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آھي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو نهڀئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.