ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ پاڻي بند هجڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ شهرين جو مظاهرو، سائيٽ ڪوٽڙي جي 15 کان مٿي ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ ۽ مھنگائي خلاف ڪوٽڙي جي االمدينا چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي. اڳواڻن شبير ساند، مقصود جھتيال، عبدالستار، اياز ۽ ٻين چيو ته سائيٽ ڪوٽڙي جي 15کان مٿي ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي پر انتظاميا ڪجھ نٿي ڪري، مسلسل احتجاج ڪرڻ جي باوجود ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي، هنن وڌيڪ چيو ته وڌندڙ مھنگائي سبب پورھيت طبقو عوام پيسجي رھيو آھي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته ته وڌندڙ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ سائيٽ ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي سپلاء بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو ھينو ويندو.