ڪوٽڙي  (رپورٽر) ڪوٽڙي واسين واٽر سپلاء اسڪيم جي خالي پيل ٽينڪي جي پاڻ صفائي ڪري، گيت ڳائي، انتظاميا ۽ ٽينڪر مافيا خلاف احتجاج ڪيو. پاڪستان نوجوان تحريڪ پاران احتجاجن طور ٽينڪي جي صفائي ڪرڻ بعد انتظاميا  خلاف سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو ھڻي احتجاج  ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار لُھر، پنھل چانڊيو،  جان محمد ملاح، علي احمد چانڊيو، عيسي سوڍر، ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ٻولهاڙي ۾ پوپٽ ڳوٺ، عيسيٰ دل سميت ڪيترن ئي ڳوٺن لاء ٺهيل واٽر ٽينڪ ڪافي سالن کان بند ھجڻ جي ڪري ھتان جا رھواسي ٽينڪر مافيا کان پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. ضلعي انتظاميا سالن کان اسان کي پاڻيء جي ڦڙي ڦڙر لاء سڪائي رهي آهي. ايم سي ٻولھاڙي جو ايڊمنسٽريٽر پبلڪ ھيلٿ انجنيئر سميت ڊي سي ڄامشورو ٽينڪر مافيا سان ٻؙٽ بڻيل آھن. ھنن ٻڌايو ته ڊي سي ڄامشورو سميت سڀني وس وارن کي درخواست ڏيڻ جي باوجود ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي. ھنن وڌيڪ چيو ته ايم سي ٻولھاڙي ۾ سڀ مزدور طبقي جا ماڻهو رھن ٿا جيڪي ٽينڪر افوڊ نٿا ڪري سگھن. ھنن ھائي ڪورٽ سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان از خوز نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ايم سي ٻولھاڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي لائنن جي ذريعي فراھم ڪن جيئن ھتان جي عوام ٽينڪر مافيا کان ڦرجڻ کان بچي سگهي.