ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي واسي نوجوان شاهد علي چانڊيو بجلي جي پول تان ڪري فوت ٿي ويو. ، مسلم ٽائون ڪوٽڙي جو رهواسي نوجوان 11 هزار وولٽ جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي هيٺ ڪري پيو. ڊاڪٽرن موجب تارن ۾ وچڙڻ سبب نوجوان جو سٺ سيڪڙو جسم سڙي ويو هو. نوجوان کي وارث سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا جتان نازڪ حالت سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي پهچي نوجوان فوت ٿي ويو. نوجوان شاهد چانڊيو ڪالھه ايران مان موٽيو هو، سندس ڀاءُ يوسف چانڊيو عرف بالو چانڊيو پڻ سياسي ڪارڪن هو جيڪو ڪجھ سال اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي چڪو آهي. سندس والد پڻ فوت ٿي چڪو آهي جنهن ڪري سڙي زخمي ٿل نوجوان جو ڪوبه وارث ناهي، سندس ٻيا عزيز کيس ڪراچي کڻائي ويا، ٻئي طرف فوتي نوجوان جي سئوٽ برڪت علي چانڊيو جو چوڻ هيو ته ٿنڀي ۾ تار لڳائڻ وقت واپڊا وارن جي غفلت سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي، ايس ڊي او حيسڪو شهباز ڊويزن خلاف قدم کنيو وڃي. هن چيو ته نوجوان جي تدفين بعد حيسڪو خلاف احتجاج ڪيو ويندو ۽ ايس ڊي او خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.