ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي پندرهن ساله نينگري مسڪان گوپانگ  مبينا اغوا، مبينا اغوا ٿيل نينگري جو والد دانهن کڻي ٽائيم نيوز آفيس پهچي ويو، سراج گوپانگ جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ اسڪول مان موٽندي گهر وٽان چار هٿياربند نياڻي کي زوري اغوا ڪري ويا آهن. ايس ايس پي آفيس ۽ ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيان پيو پر پوليس ڪو به ايڪشن نٿي کڻي. هن چيو آهي ته بااثر ماڻهو نياڻي کي اغوا ڪري سيوهڻ کڻي ويا آهن، ايف آءِ آر ڪاٽي جوابدار گرفتار ڪري نياڻي بازياب ڪرائي وڃي.