ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ معصوم نينگر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڪوٽڙي سائيٽ جي ليبر ڪالوني  واري علائقي ۾ 6 سالا نينگر ويدان علي گھر ٻاھران راند ڪندي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو جنھن جي لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ھوڏانھن نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.