ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڪراچي واھ ۾ عورت ۽ ٻار کي بچائيندي چار ڄڻا ٻڏي ويا، ٻن ڄڻن کي زنده بچايو ويو 9 سالن جي ٻار سميت 2 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان هڪ جو لاش هٿ ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، ٻارڙي جي لاش جي ڳولا جاري هئي، ان ڏس ۾ ڪوٽڙي جي بابا صلاح الدين واري علائقي ڀرسان ڪراچي واھ ۾ وهنجندڙ ٽي ڄڻا ان وقت ٻڏي ويا جڏهن هو هڪ عورت ۽ سندس ٽن سالن جي ٻارڙي کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاء اونهي پاڻيء ۾ هليا ويا، کين ٻڏندي ڏسي ڪجھ ٻيا ماڻهو به پاڻيءَ ۾ لهي پيا، جن عورت ۽ ٻن ڄڻن شارون مسيح ۽ نير سلطان مسيح کي زنده بچائي ورتو، جڏهن ته 22 سالن جو ارشد مسيح ۽ 9 سالن جو ٻارڙو عمران عرف جڳو مسيح ٻڏي فوت ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي سوين ماڻهو ڪراچي واھ تي پڄي ويا، واقعي وقت موجود اکين ڏٺن شاهدن موجب هڪ عورت ۽ سندس ٻار کي ٻڏندو ڏسي واھ ۾ وهنجدڙ ڪجھه ماڻهو اونهي پاڻيء ۾ هليا ويا جن مان ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا ٻڏي ويا جڏهن ته عورت سميت باقي ماڻهن کي بچايو ويو. ٻڏي ويلن مان هڪ ڄڻي ارشد مسيح جي لاش کي ڇهن ڪلاڪن جي ڳولها بعد هٿ ڪيو ويو جنهن کي بلاول ميڊيڪل اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٻارڙي جو لاش آخري اطلاعن تائين هٿ اچي نه سگهيو هو.