ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ، مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب 7 سالن جي نينگري فوت ٿي وئي ۽ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. خدا جي بستي ۾ 7 سالن جي نينگري ماهين عارف ڌيء جاويد راجپوت کي هوائي فائرنگ دوران مٿي ۾ گولي لڳي. ذريعن موجب نينگري کي گولي هڪ بااثر شخص جي ڀاء جي لڳي جيڪا ديوار ۾ لڳڻ کان پوء نينگري جي مٿي ۾ لڳي. سائيٽ پوليس ۽ وارث نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا جتي نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. سائيٽ پوليس موجب نينگري جو لاش واپس ڪوٽڙي جي بلاول اسپتسل آڻي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، ڪنهن جي لڳي آهي ان بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۽ وارثن جي فرياد جي آڌار تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.