ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ڪوٽڙي گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جو سپلااڳواڻ تي ڌمڪين جو الزام: ڪاليجز کاتي متاثر پرنسپال جي درخواست تي ڪارروائي نه ڪئي، ازالو نه ٿيڻ سبب مايوس ٿيل پرنسپال موڪل تي رواني،ان ڏس ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب گرلز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جي پرنسپال پروفيسر رخسانا جوڻيجو ڪاليجز واري کاتي جي سيڪريٽري کي اڍائي مهينا اڳ هڪ درخواست موڪلي هئي ته سپلا جو جنرل سيڪريٽري سڏائيندڙ پروفيسر شاهجهان پنهور سندس ڪاليج ۾ اچي ساڻس بدتميزي ڪرڻ سان گڏ هراسان ڪري رهيو اهي آهي، شاهجهان مونکي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪاليج جي انگلش شعبي جي اسٽنٽ پروفيسر حميده ميربحر کان ڪو به ڪم نه ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ هو کيس پرنسپال واري عهدي تان ٽن ڏينهن اندر هٽرائي ڇڏيندو، ڪاليجز کاتي پاران اهڙي شڪايتي درخواست تي اڍائي مهينن تائين ڪارروائي نه ڪرڻ تي متاثر ٿيل پرنسپال مايوس ٿي موڪل تي رواني ٿي وئي، ان  حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڪاليجز واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ٻڌايو ته هن ڊي جي ڪاليجز کي انڪوائري ڪرڻ لاءِ چيو هو،  اڃا تائين کيس انڪوائري رپورٽ ناهي ملي، ٻئي طرف ڪاليجز واري ڊي جي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي معاملو  حيدرآباد جو ريجنل ڊائريڪٽر عبدالحميد چنڙ ڏسي  رهيو آهي ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالحميد چنڙ ٻڌايو ته هي مسئلو حل ٿي ويو آهي، سيڪريٽري صاحب انڪوائري کان منع ڪيو هو، باقي پرنسپال في الحال طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري موڪل جي درخواست ڏني آهي، اها گهڻا ڏينهن موڪل تي هوندي ؟ انهي بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سپلا اڳواڻ پروفيسر شاهجهان پنهور چيو ته ڪاليج ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ عملي سان پرنسپال پاران بدتميزي جي شڪايتن تي سپلا اڳواڻ جي حيثيت ۾ ويو هئس، مون ڪا به بدتميزي ناهي ڪئي، سمورا الزام ڪوڙا آهن، مون پاڻ ريجنل ڊائريڪٽر کي چيو ته انڪوائري ڪرايو،  هن انڪوائري ڪاميٽي پڻ جوڙي هئي پر اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر شاهه چيو ته هو انڪوائري ٿو ڪرائي، انهي ڪري ڪاميٽي انڪوائري ناهي ڪرائي. هن چيو ته مون تي ثابت ٿيو ته عورت پرنسپال سان ڪا بدتميزي ڪئي آهي ته استعيفا ڏئي ڇڏيندس، باقي رخسانا جوڻيجو 19هين گريڊ جي آهي، جنهن کي 20هين گريڊ جي پوسٽ تي ويهاريو ويو آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. آئون اڄ به لڳل الزامن جي انڪوائري چاهيان ٿو.